ڌامراهو، مهراڻ

ڌامراهو، مهراڻ

ڌامراهو مهراڻ

ڌامراهو، مهراڻ: شاعر مهراڻ ڌامراهي جو اصل نالو مسرت حسين ولد قائم الدين ڌامراهو آهي، سندس جنم 12 سيپٽمبر 1970ع تي تاريخي ڳوٺ ڌامراهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن پرائمري ۽ مئٽرڪ ڌامراهه مان، انٽر لاڙڪاڻي مان، ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هن شاعريءَ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهو سندس ادبي رهنما رهيو. مهراڻ ڌامراهي جي شاعري سنڌي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي، سندس گيت ۽ غزل سنڌ جي ناليوارن فنڪارن توڙي فنڪارائن شهلا گل، زاهد گل، سليم رضا، عاشق نظاماڻي، نظير سمي ۽ ٻين ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس مشهور گيت ’اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو‘ فنڪار سليم رضا ڪنڀر جي آواز ۾ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪشش ۽ ڪي. ٽي. اين تان تمام گھڻي مقبوليت ماڻي. انکانسواءِ سندس ٻيا ڪيترائي گيت ريڊيو توڙي سنڌي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. مهراڻ ڌامراهو سنگيت وديا سنگت لاڙڪاڻي جو چيئرمئن ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سرگرم ميمبر آهي. کيس دنيا جي مختلف ملڪن جا سڪا ۽ نوٽ گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق آهي، وٽس ڪيترن ملڪن توڙي سنڌ جي قديم سڪن جو تعداد ٽي سؤ کان وڌيڪ آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) ’روز ملجي ڪٿي‘ ۽ (2) ’اندر جي آس‘ شايع ٿيل آهن، کيس مڃتا طور ڪي ٽي اين طرفان اوارڊ ۽ ٻيا اعزاز ملي چڪا آهن. هي سوئي سدرن گئس ڪارپوريشن جو ملازم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.09.12  عيسوي

شاعر مهراڻ ڌامراهي جو اصل نالو مسرت حسين ولد قائم الدين ڌامراهو آهي، سندس جنم 12 سيپٽمبر 1970ع تي تاريخي ڳوٺ ڌامراهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز امر شيخ
ٺٽوي رضي الدين فدائي
احمد سولنگي
اصغر گوزائي
انورشاهه
رئيس عبداللطيف لطيف ناپر
پلي نمرو
شاهو خان زنگيجو
اقبال شينو
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون